Pakistan Peoples Party Official

News, updates, events, photographs and other information

اقليتن جو قومي ڏينهن:بلاول ڀٽو جو اقليتن جي تحفظ واري عهد جو ورجاءُ

Leave a comment

ڪراچي (آگسٽ10 ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قومي اقليتن جي قومي ڏهاڙي جي موقعي تي جيڪو 11 آگسٽ 2009 کان صدر آصف علي زرداري جي حڪم تحت ملهايو ويندو آهي، پارٽي جي ان عهد کي ورجايوآهي ته پاڪستان ۾ موجود اقليتن کي تحفظ ۽ برابر موقعا فراهم ڪيا ويندا، پيپلز پارٽي جي چيئرمين پنهنجي پيغام ۾ قوم جي باني جي  11 آگسٽ 1947ع واري تاريخي تقرير ڏانهن توجه ڏياريندي چيو چيو ته قوم جي باني قائد اعظم محمد علي جناح ۽ جمهوريت جي بانين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينّظير ڀٽو جيڪو مذهبي اقليتن سان وچن ڪيو، ان جي ذميداري پيپلز پارٽي پنهنجي ڪلهن تي کنئي آهي. هن چيو ته پيپلز پارِٽي پاڪستان ۾ اها واحد پارٽي آهي جنهن اقليتن کي عملي طور معاشري ۾ اجاگر ڪيو، انهن کي قومي ڌاري ۾ آندو ۽ قانوني ۽ انتظامي معاملن ۾ انهن لاءِ پاڪستان جا برابر شهري هجڻ جي حق جي لاءِ آواز بلند ڪيو.

                       هن چيو ته پيپلز پارٽِي سنڌ جي نئين ڪابينا ۾ هندن، دلتن ۽ مسيحن کي شامل ڪيو ۽ 18اقليتي اميدوارن کي ڊسٽرڪٽ ڪائونسلن، ميونسپل ڪاميٽين، ٽائون ڪاميٽين جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي لاءِ نامزد ڪيو. هن چيو ته اهو اقليتن کي سياسي طور مضبوط بنائڻ جي لاءِهڪ بي مثال قدم آهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي غير مسلمن کي سينيٽ ۾ نمائندگي ڏني۽ ڊگھي عرصي کان رڪيل هندو ميرج بل به سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرايو، هن وڌيڪ چيو ته بجيٽ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ ۾ موجود اقليتن جي اداري جي بجيٽ ٽيڻي ڪري ڇڏي ته جيئن اقليتن جي سماجي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري سگھجي جنهن ۾ شاگردن جي لاءِ وظيفا ۽ غريبن، يتيمن ۽ بيواهن جي لاءِ معاشِي مدم پڻ سهائتا طور شامل آهن.

                        پيپلز پارٽي جي چيئرمين اقليتن کي يقين ڏياريندي چيو ته سندس پارٽي ڪڏهن به انهن سان امتيازي سلوڪ جي اجازت نه ڏيندي ۽ هميشه پنهنجي ترقي ۽ قوم کي اڳتي آڻڻ جي لاءِ انهن جي ذهانت ، قابليت ۽ قوت کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ بهتر ماحول مهيا ڪندي.

                        پيپلز پارٽي جي چيئر مين قومي اسيمبلي جي پارلياماني پارٽي کي قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ غير مسلمن جون سيٽون وڌائڻ واري بل کي اڳتي وڌائڻ جون هدايتون جاري ڪيون ۽ بل ڱي قانوني شڪل ڏيڻ جي لاءِ معاملو ٻين پارٽين سان اٿارڻ جي لاءِ چيو. بلاول ڀٽو زرداري پيپلز پارٽي پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخواه ۽بلوچستان جي اقليتن جي لاءِ هڪ شفاف نظريو رکندڙ آهي جيڪو پوري ملڪ ۾ نافظ هوندو.

                      بلاول ڀٽو زرداري نشاندهي ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي هميشه اقليتن جي خلاف غلط استعمال ٿيندڙ قانونن جي خلاف رهي آهي ۽ ٻين پارٽين سان گڏجي اهڙي قانونسازي ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي جنهن ۾ اقليتن خلاف قانون کي غلط استعمال نه ڪري سگھجي.

                        پيپلز پارٽي جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري  ، پاڪستان ٺاهڻ ۽ قومي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ اقليتن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاء 11 آگسٽ اقليتن جي قومي ڏهاڙي طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو.

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s